ڊي اين اي

ڊي اين اي

ڊي اين اي

ڊي. اين. اي: ڊي. اين. اي Deoxyribo Nucleic Acid جو مخفف آهي. ڊي. اين. اي جيوگھرڙي جي پراسرار مالڪي سنڀاليندڙ آهي. هي سخت گير، منتظم، سمورن جيوگھرڙن کي پنهنجي حڪم تي هلائيندو آهي. ڊي. اين. اي جيوگهرڙي جي سمورن نظامن کي هدايت ڏيندو آهي ته ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇا ٺهڻو آهي. ان لاءِ ڇا، ڪٿان ۽ ڪنهن کان وٺڻو آهي. D.N.A هر جاندار، حيوانات ۽ نباتات ۾ موجود هوندو آهي. جيوگھرڙو (Zygote) جنهن ذريعي هڪ نئين انسان جي تخليق جو آغاز ٿيندو آهي، وجود ۾ ايندي ئي پاڻ جھڙيون ڪاپيون ٺاهڻ شروع ڪندو آهي. هڪ کان ٻه، ٻه کان چار، چئن کان اٺ. اهڙيءَ ريت نو مهينا يا ان کان گھٽ عرصي ۾ هڪ مڪمل انسان وجود ۾ ايندو آهي. ٻار جڏهن پيدا ٿيندو آهي، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ٿريلين جيوگھرڙن جو مجموعو هوندو آهي. ان جيوگھرڙن جي تيزيءَ سان ڪاپيون تيار ڪرڻ جي پراسرار صلاحيت پنهنجيءَ جاءِ تي، پر جيوگھرڙي اندر سڀ کان وڏو معجزو ڊي. اين. اي آهي. ماءُ پيءُ جي ڪروموسومن مان جيڪو جيوگھرڙو وجود ۾ ايندو آهي. ان ۾ ڊي. اين. اي هڪ ٻئي سان ويڙهيل ٻن ڏورين وانگر هوندو آهي. ٻار جي مستقبل لاءِ لامحدود امڪان، اطلاع، معلومات ۽ پروگرام ڊي اين اي ۾ اسٽور ٿيل هوندا آهن، جن جي مدد سان هڪ ننڍڙو غير مرئي جيوگھرڙو پاڻ ۾ معلومات جو وڏو ذخيرو لڪائي ويٺو هوندو آهي. ٻار جي جسم ۾ زندگي ۽ تعمير کي استعمال جوڳو رکڻ لاءِ جنهن نقشي جي ضرورت هوندي آهي، اهو نقشو يا بليو پرنٽ ڊي. اين. اي جي شڪل ۾ هر جيوگھرڙي ۾ موجود هوندو آهي.
عضون جي بناوت/ تعمير، تنصيب ۽ ڪارڪردگي هر جيوگهرڙي جي ڊي. اين. اي ۾ ڪوڊن جي شڪل ۾ موجود هوندي آهي ۽ اُها RNA(Ribo Nucleic Acid) جو ڪردار ادا ڪندي آهي. ٻار جي تشڪيل جو تفصيل ڊي. اين. اي جي ڏورين ۾ موجود هوندو آهي. آر. اين. اي، ڊي اين اي جي نگرانيءَ ۾ ابتدائي ڪم ڪندو آهي. سڀ کان پهرين هڪ پروٽين جي تياري شروع ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن لاءِ ان کي امائنو ايسڊ جمع ڪرڻا پوندا آهن ۽ آر. اين. اي جا جزا موتين وانگر پروئبا آهن. اهڙيءَ ريت پروٽين وجود ۾ ايندي آهي. انسان جي اک ۾ ستاويهه ڪروڙ چاليهه لک جيوگھرڙن مان هر هڪ جيوگھرڙي ۾ موجود ڊي. اين. اي سموري معلومات ۽ صلاحيت رکي ٿو، جنهن ذريعي هڪ مڪمل ٻار هن دنيا ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪن جيوگھرڙن ۾ هيءَ صلاحيت موجود هوندي آهي ته اهي ڪن جي جاءِ تي پير تعمير ڪري ڇڏين، پر جيوگھرڙا ڪڏهن ايئن نه ڪندا، آهن، ڇو ته جيوگھرڙا رڳو اهو ڪري سگھن ٿا، جنهن جو کين مٿان حڪم ملندو آهي.
هي جيوگھرڙا ڪافي ڪجهه ڪري سگھن ٿا، پر قدرت سندن اضافي صلاحيتون معطل (بلاڪ) ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙيءَ ريت جيوگھرڙا ڪروڙين ڪاپيون ٺاهي سگھن ٿا. انسانن جي جيوگھرڙن مان ڊي اين اي جي ٻنهي ڌاڳن کي جيڪڏهن هڪ قطار ۾ رکجي ته اها قطار زمين کان چنڊ جي فاصلي کان هزار ڀيرا وڏي هوندي. تخليق جو هي نقشو اڄ کان سٺ ستر سال پهريان به انسان جي لاءِ ڳجهه جو درجو رکندو هو ۽ اڄ به عام ماڻهن لاءِ غيب جو نمونو آهي.


لفظ ڊي اين ايھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو